اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ماحول کي نقصان پهچائيندڙ ٻارڻ جي استعمال کي ختم ڪرڻ جي لاءِ عملي اتفاق راءِ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪوپ 27 ۾ موس??يا??ي تبديلي جي حوالي سان اهم معاهدا ۽ ”ڊيميج اينڊ لاس“ فنڊ جو قيام سڄي دنيا جي لاءِ وڏي ڪا??يا??ي آهي، موس??يا??ي تبدي??ين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪلائميٽ بئنڪ قائم ڪيو وڃي ته جيئن اسرندڙ ملڪن کي مناسب شر?? تي قرض فراهم ٿي سگهن، پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان وڏي پئماني تي تباهي ٿي، موس??يا??ي تبدي??ين سان رڳو اسرندڙ ملڪ ئي نه پر ترقي يافته ملڪ به متاثر ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن غيرملڪي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ڪوپ 27 ۾ موس??يا??ي تبدي??ين جي حوالي سان اهم معاهدا ڪنهن هڪ ملڪ نه سڄي دنيا جي فتح آهي، معاهدو انهن ماڻهن جي فتح آهي جيڪي موس??يا??ي تبدي??ين جي تباهي کان متاثر ٿيا آهن، مالي تعاون جي حوالي سان ڏسڻو آهي ته عالمي مالياتي نظام جو ڪهڙو طريقيڪار هوندو ۽ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن کي ان مان ڪهڙي طرح فائدو پهچندو. پرڏيهي وزير چيو ته مالي تعاون جو معاملو ڪوپ جي ايندڙ اجلاس تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن جي ميزباني گڏيل عرب امارات ڪندو. هن چيو ته جي 77 پلس چين جي ميمبرن مان ڪيترن ئي ملڪن ماضي ۾ ٿيندڙ واعدن کي مڪمل نه ڪرڻ تي پريشان آهن، اهو ئي سبب آهي جو معاهدن جي تحرير ان حوالي سان اهم آهي جيڪي ملڪن کي پنهنجي واعدن جي پاسداري جو پابند بڻائيندي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته موس??يا??ي تبدي??ين جي تباهي سان رڳو اسرندڙ ملڪ ئي نه پر ترقي يافته دنيا به متاثر ٿيندي. جي 77 پلس چين جي موجوده چيئرمين طور پاڪستان چاهي ٿو ته معاهدن جي نقطن تي عملدرآمد ٿئي. پرڏيهي وزير چيو ته موس??يا??ي تبدي??ين سان ٿيندڙ نقصانن جي ازالي لاءِ ”ڊيميج اينڊ لاس“ فنڊ قائم ڪيو ويو آهي ۽ مالي مدد جي فراهمي لاءِ انتظام ڪيا ويا آهن. مقرر و??ت ۾ ان سان واڳيل هدفن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي 77 ۽ يو اي اي جي پنهنجي حصيداري سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، هڪ ٻئي تي آڱر کڻڻ ب??ران گڏيل بقاءَ جي لاءِ گڏيل جدوجهد تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان پهريون ڀيرو تباهي ناهي ٿي، ان کان اڳ به گرميءَ جي سخت لهر ۽ ٻوڏ اچي چڪيون آهن، جيڪڏهن آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ سان رجوع ڪري سگهجي ٿو ته هڪ ڪلائميٽ بئنڪ به هجڻ گهرجي، جتي متاثر ملڪ وڃي سگهن ۽ ان ڪلائميٽ بئنڪ مان مناسب شر?? تي قرض وٺي سگهجن. پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي پنهنجي ماڻهن کي ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آهي ۽ ماحول کي نقصان پهچائيندڙ ٻارڻ جي استعمال کي ختم ڪرڻ جي لاءِ عملي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي.