اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ قطر جا وي??ها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل مذهب، گڏيل اعتماد ۽ مفاهمت تي ٻڌل آهي. اها ڳالهه هن قطر ج?? سفير سعود بن عبدالرحمان الثاني سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران قطر ج?? سفير قطر جي عوام ۽ قيادت پاران پاڪستان جي قيادت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي ساراهيو. هن قطر ۾ فيفا 2022ع ورلڊ ڪپ جي ڪامياب ميزباني تي قطري ??يادت کي مبارڪباد ڏني. هن افرادي قوت جي شعبي ۾ قطر پاران ڪيل ذڪر جوڳي سڌارن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي لاءِ سيڪيورٽي اهلڪار فراهم ڪري ??رلڊ ڪپ ۾ مدد ڪرڻ تي خوشي ۽ اعزاز محسوس ڪري رهيو آهي. اها فخر جي ڳالهه آهي ته ورلڊ ڪپ ۾ استعمال ٿيندڙ فٽبال ”الرحلا“ ميڊ ان پاڪستان آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ وي??ها ۽ خوشگوار ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جو بنياد گڏيل مذهب، گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم ۽ ويجهي تعاون تي آهي. هن چيو ته قطر 2 لک 10 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين جو گهر آهي جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.