اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي خصوصي ماڻهن بابت بيانيي کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ ترقي ۾ درپيش چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ معاشرتي روين ۾ تبديلي جي ضرورت آهي. هن ڪراچي ڊائون س??ڊروم پروگرام جو دورو ڪيو ۽ ڊائون س??ڊروم کان متاثر ماڻهن کي معاشري ۾ ضم ڪرڻ جي لاءِ تنظيم جي ڪوششن کي ساراهيو. خاتون اول خاص طور تي شروعاتي سالن ۾ خاندان جي مدد ۽ انهن جي شموليت جي ضرورت تي پڻ ڳالهه ڪئي. هن خصوصي ماڻهن کي قومي معيشت ۾ ضم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن انهن جي ??شخ?? کي تبديل ڪري سگهجي. خاتون اول لرننگ سينٽر ۾ ٻارن ۽ انهن جي والدين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ڊائون س??ڊروم جي شڪار ماڻهن کي درپيش مسئلن ??ي حل لاءِ ڪي ڊي ايس پي جي ڪم کي ساراهيو. ڪراچي ڊائون س??ڊروم پروگرام هڪ غير منافعو ڏيندڙ تنظيم آهي جيڪا ٻارن ۽ ڊائون س??ڊروم جي شڪار ماڻهن جي سارسنڀال جي طريقيڪار جي نئين سر وضاحت جي لاءِ وقف آهي. اها تنظيم گذريل 8 سالن کان ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن ڊائون س??ڊرم جي شڪار ماڻهن کي هڪ ٺوس معاشري ۾ آزاد ۽ پيداواري زندگي گذارڻ جي قابل بڻائي سگهجي.