اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايپڪس ڪميٽي جو اهم اجلاس جمعي ڏينهن پشاور ۾ ٿيندو. اجلاس خيبرپختونخواهه ??ورنر هائوس ۾ ٿيندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اجلاس ۾ سموريون ڌريون، پوليس، رينجرز ۽ حساس ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ ٿيندا. اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي ??ا قدم غور هيٺ ايندا.