اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناليواري شاعر، ليکڪ، ڊراما نگار ۽ ڪالم نگار امجد اسلام امجد جي لاڏاڻي تي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم امجد اسلام امجد جي گهروارن ۽ ان جي مداحن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته امجد اسلام امجد پنهنجي ع??د جو نظم جو سڀ کان وڏو شاعر هو. هن انساني جذبن کي پنهنجي تهذيب ?? روايت موجب زبان ڏئي امر ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته ذاتي حوالي سان هو هڪ وڏو انسان هو. علم ۽ ادب سان دلچسپي رکندڙ هر پاڪستاني جي گهر جو هُو فرد هو، سندس لاڏاڻي جو ڏک پاڪستان جي هر شهري جو ذاتي ڏک آهي. هُن شعر ۽ ادب جي هر صنف ۾ پنهنجي صلاحيتن ۽ فن کي مڃرايو. وزيراعظم چيو ته سندس لاڏاڻو علم ۽ ادب جي شعبي جو وڏو نقصان آهي. وزيراعظم چيو ته امجد اسلام امجد پاڪستان ٽيليويزن کي وارث، فشار ۽ سمندر جهڙا ڊراما ڏنا، ادب لاءِ سندس خدمتن کي مدتن تائين ياد رکيو ويندو، سندس لاڏاڻي سان پاڪستاني ادب هڪ عظيم ليکڪ ۽ ساعر کام محروم ٿي ويو آهي، وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.