اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ سياس?? مشاورت جو 14 هون دور جمعي ڏينهن پيرس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ ان جي فرانسيسي هم منصب ايني ميري ڊيسڪوٽس جي صدارت ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب سياس?? مشاورت ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ ايني ميري ڊيسڪوٽس ٻطرفي تعاون جي لاءِ پاڪستان فرانس روڊ ميپ تي صحيح??ن ڪيون. ڳالهه ٻولهه ۾ سياسي، اقتصادي، ترقي، دفاع، سلامتي، تعليم، ثقافت، گهڻ رخي ۽ ٻين شعبن ?? حصيداري کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو وي??.