اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صنعت ۽ معيشت جي ٻين شعبن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ مهارت تي ٻڌل ۽ فني تعليم کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار ??سڪولن کان ٻاهر آهن، اهڙن ٻارن کي ملڪ جو ڪارائتو شهري بڻائڻ جي لاءِ ??نه?? جي فڪري ۽ جسماني واڌويجهه جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ??يوان صدر اسلام آباد ۾ نيشنل ??سڪلز يونيورسٽي جي سينيٽ ج?? اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر زور ڏنو ته نيشنل ??سڪلز يونيورسٽي کي مارڪيٽ جي طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ هنرمند ماڻهو پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن يونيورسٽين پاران شاگردن جي لاءِ ڪ??ريئر ڪونسلنگ جي ضرورت تي روشني وڌي ته جيئن ??نه?? کي مناسب پيشن جي چونڊ ۾ مدد ملي سگهي. هن نيشنل ??سڪلز يونيورسٽي انتظاميا کي چيو ته گريجوئيٽس جي معيار ۽ مهارت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قومي ۽ عالمي فني تعليمي ادارن سان رابطو قائم ڪيو وڃي. نيشنل ??سڪلز يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار ??جلاس کي ملڪ ۾ هنر تي ٻڌل تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار ??ابت ٻڌايو. نيشنل ??سڪلز يونيورسٽي جي سينيٽ پاران وائيس چانسلر جي فيصلن جي توثيق ڪرڻ کانسواءِ سينيٽ جي چوٿين اجلاس جي منٽس جي پڻ توثيق ڪئي. اجلاس ۾ مريدڪي شيخوپوره ۾ نيشنل ??سڪلز يونيورسٽي جي سب ڪئمپس جي قيام جي پڻ منظوري ڏني وئي.