اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي جي دعوت تي خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي ايوان صدر ۾ ساڻس م??اق??ت ڪئي جنهن ۾ عام چونڊون منعقد ڪرڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب م??اق??ت دوران صدر ۽ گورنر آئين جي آرٽيڪل 224 (2) ۽ پهرين مارچ جي سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ اليڪشن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي مشورو ڏنو ته گورنر اليڪشن ڪميشن سان مشاورت کانپوءِ چونڊن جي تاريخ جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد ڪري، اٽڪل 2 هفتا گذري ويا، مُشڪلاتن کان بچڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب چونڊن جي تاريخ مقرر ڪئي وڃي. صدر آئين جي پاسداري ۽ مقرر مدي جي اندر عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته مقرر وقت ۾ چ??نڊون آئين لازمي قرار ڏنيون، سپريم ڪورٽ توثيق ڪئي آهي، مقرر وقت ۾ چ??نڊون ملڪ ۾ پارلياماني جمهوريت کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ضروري آهن.