اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪارنيٽ ڊي پيسج اسڪيم تحت ??ند?? ويندڙ ۽ غيرقانوني ??ستعمال هيٺ لگزري گاڏيون فوري ضبط ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته اسڪيم جي غيرقانوني ۽ ناجائز استعمال ۽ غفلت ڪندڙ اهلڪارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن ??هڙن خيالن جو اظهار ڪارنيٽ ڊي پيسيجز اسڪيم تحت ??ند?? ويندڙ گاڏين جي مقرر مدي کان وڌيڪ ۽ غيرقانوني ??ستعمال جو سخت نوٽيس وٺندي اسلام آباد ۾ هڪ خصوصي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ لگزري گاڏين جي داخلا ۽ اخراج جي طريقيڪار تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، وزيراعظم جي ناڻي واري خاص معاون طارق باجوه ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اهڙي لگزري گاڏين جي نشاندهي به ڪئي وئي جيڪي ڪارنيٽ ڊي پيسيج جي سهولت تحت پاڪستان ۾ ??ند??ون ويون ۽ طئي ٿيل مدو پورو ٿي وڃڻ جي باوجود استعمال ٿي رهيون آهن ??نهن ??ي وزيراعظم سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اهڙيون سموريون گاڏيون فوري ضبط ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. وزيراعظم پڇيو ته لاڳاپيل کاتن اهڙين گاڏين جي خلاف اڳواٽ ڪارروائي ڇو نه ڪئي. ان ڏس ۾ وزيراعظم هڪ ڪميٽي ٺاهڻ جي پڻ هدايت ڪئي جيڪا ان سموري معاملي جي جاچ جي ذميوارن جو تعين ڪندي. وزيراعظم چيو ته اهي سمورا اهلڪار جيڪي اسڪيم جي غيرقانوني ۽ ناجائز استعمال ۾ ملوث ڏٺا ويا يا ان حوالي سان غفلت جي مرتڪب ٿيا ته انهن ??ي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم فيڊرل بورڊ آف روينيو کي هدايت ڪئي ته ڪارنيٽ ڊي پيسيج اسڪيم تحت اهڙيون سموريون گاڏيون جيڪي پنهنجو مدو پورو ڪ??ي چڪيون آهن ??نهن ??ي تفصيلي ۽ صحيح ڊيٽا جلد کان جلد گڏ ڪئي وڃي. وزيراعظم پڇيو ته لاڳاپيل ادارن اهڙين گاڏين جي خلاف اڳواٽ ڪارروائي ڇو نه ڪئي؟ وزيراعظم ان معاملي تي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪارنيٽ ڊي پيسيج تحت اهڙيون گاڏيون جيڪي پنهنجو مدو پورو ڪ??ي چڪيون آهن ??نهن ??ي تفصيلي ۽ صحيح ڊيٽا جلد کان جلد گڏ ڪئي وڃي. هن چيو ته اهي سمورا اهلڪار جيڪي اسڪيم جي غيرقانوني ۽ ناجائز استعمال ۾ ملوث ڏٺا ويا يا ان حوالي سان غفلت جا مرتڪب ٿيا انهن ??ي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.