اسلام آباد-03 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري تي حڪومت طرفان مڪمل سهڪار جي خاط??ي ڪرائي آهي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اها ڳالهه ترڪيه جي دوري دوران انقره ۾ دولسار انجنيئرنگ جي چيئرمين عرفان آڪر سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ دولسار انجنيئرنگ جي جاري توانائي ۽ تعميراتي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. عرفان آڪر پاڪستان ۾ توانائي ۽ تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم دولسار انجنيئرنگ جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي ۽ حڪومت طرفان ان حوالي سان مڪمل سهڪار جي خاط??ي ڪرائي. ملاقات ۾ سڌ سماء?? واري وفاقي و??ير م??يم اورنگزيب، خاص مددگار طارق فاطمي ۽ پاڪستان جو ترڪيه ۾ سفير ڊ??ڪٽ?? يوسف جنيد به شريڪ هئا.