اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي ??جيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ??رقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت 21 جون 2022ع تي منظور ڪيل انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي پهرين ک??ن جاري منصوبي ناليج اڪانومي بابت فاصلاتي تعليم جي لاءِ 15 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. ان منصوبي سان نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجيز، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام بابت علم حاصل ڪرڻ ممڪن بڻائڻ سان گڏوگڏ انهن کي پاڪستان جي لاءِ ڪارائتو شهري بڻائڻ جا هدف حاصل ڪيا ويندا ?? اهي هڪ خودڪار شهري طور پنهنجي لاءِ روزگار جي ??ريعن تي دارومدار ڪرڻ جي قابل ٿيندا.