اسلام آباد-08 ج??لا??ِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عبدالستار ايڌي جهڙا ماڻهو ئي ڪنهن به معاشري جي اخلاقي قدرن جي صحيح طور تي نمائندگي ڪندا آهن ۽ انسانيت جي خوبصورتي ۾ اسانجي اعتماد کي بحال ڪندا آهن، دنيا ۾ اهڙا ماڻهو به هوندا آهن جيڪي پنهنجي مقصد لاءِ سچائي سان ڪم ڪندا آهن ، پنهنجي هڪ ??وئٽ ۾ هن چيو ته عبدالستار ايڌي پڻ اهڙين عظيم شخصيتن مان هو جنهن دنيا جا سمورا ڪم ڇڏ?? انسانيت جي خدمت جو رستو چونڊيو ۽ پنهنجي سموري حياتي محنت ۽ فرض شناسي سان ان مقصد لاءِ گذاري، وزيراعظم شهباز شريف عبدالستار ايڌي جي ستين ورسي جي موقعي تي سندس بلند در??ات لاءِ دعا ڪئي ۽ پنهنجي ٽوئٽ ۾ مرحوم جي تصوير پڻ شيئر ڪ??ي آهي.