اسلام آباد – 28 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ??ور??گزيب چيو آ??ي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي مختصر دوري تي روانو ٿي ويو آ??ي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪندو ۽ سندس ڀاءُ شيخ سعيد بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت جو اظهار ڪندو. مريم ??ور??گزيب دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم شيخ سعيد بن زايد النهيان کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ سوڳوار خاندان کي اهو ناقابل تلافي نقصان برداشت ڪرڻ جي همت ڏي.