اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چئن ڏهاڪن کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻ??هر عالمي اسڪوائش ۾ پاڪستان جي فتح تي پوري قوم کي ۽ حمزه خان کي ورلڊ جونيئر اسڪوائش چيمپيئن بڻجڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ت?? 1986ع ۾ جان شير خان پاڪستان کي جيڪو اعزاز ڏياريو هو، 37 سالن کان پوءِ حمزه خان ٻ??هر ان کي پاڪستان جي نالي ڪري ??ڏيو آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان جي هر نوجوان کي وطن جي سربلندي جو ذريعو بڻائي، درسگاهن ۽ ران??ين جي ميدانن کي آباد ڪري، هر قدم تي پاڪستان سربلند، سرخرو ۽ فتحياب ٿئي.