اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سي پيڪ جو شاندار منصوبو ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، اهو نه رڳو ??اڪ??تان پر خطي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو جنهن ۾ خصوصي اقتصادي زونز، انوويشن ڪوريڊور، گرين ڪوريڊور ۽ رابطي کي فروغ ڏيڻ جا منصوبا شامل آهن، سي پيڪ منصوبن سان 25 ارب ڊالر سيڙپڪاري ??اڪ??تان آئي، ??اڪ??تان ۾ معاشي ترقي، غربت جي خاتمي ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ چيني ماڊل کي ??ختيار ڪرڻ جي لاءِ پاڪ چين گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ سي پيڪ جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي خصوصي تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو. هن چي?? ته اڄ ??اڪ??تان ۽ چين جي لاءِ يادگار ڏينهن آهي، آئرن برادرز چين ۽ ??اڪ??تان گڏيل طور تي سي پيڪ جي 10 سالن جُون تقريبون ملهائي رهيا آهن، ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ اهو عظيم سفر 1949ع ۾ چين جي آزادي کان شروع ٿيو، چين ترقي جو سفر همت ۽ عزم سان طئي ڪيو. هن چي?? ته اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو پاڪ چين دوستي کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ان کانپوءِ ايندڙ ??اڪ??تاني ليڊرن ان دوستي کي فروغ ڏيڻ جو تسلسل جاري رکيو، اها منفرد دوستي آهي، سموريون سياسي پارٽيون ۽ زندگي جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو ۽ ادارا ان دوستي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهن. هن چي?? ته اپريل 2015ع ۾ چيني صدر شي جن پنگ ??اڪ??تان جو دورو ڪيو، اهو دورو مختلف سببن جي ڪري اڳ ۾ ملتوي ٿي ويو هو جيڪڏهن ان وقت دوري ۾ رڪاوٽون نه وڌيون وڃن ها ته سي پيڪ جا منصوبا تمام گهڻي تيزي سان ۽ تمام اڳ مڪمل ٿي چڪا هجن. اپريل 2015ع ۾ سي پيڪ جي معاهدي تي چيني صدر شي جن پنگ ۽ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف صحيحون ڪيون. سي پيڪ منصوبن تي تيزي سان عمل ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ??ه هن وقت بجلي جي لوڊشيڊنگ سان اسان جي صنعتن ۽ زراعت تي منفي اثر پئجي رهيا هئا، روانگي واپار کي نقصان پهچي رهيو آهي. اسان جي زرعي شعبي ان جي قيمت ادا ڪئي. هن چي?? ته سي پيڪ تحت بجلي جا رڪارڊ منصوبا مڪمل ڪيا ويا. سي پيڪ منصوبن ۾ 25 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي وئي، لکين نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيا، پيداوار ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو. هن چي?? ته سي پيڪ گيم چينجر منصوبو آهي، چيني قيادت جي ويزن، عزم ۽ دوستي جو ثبوت آهي. هن چيو ??ه هاڻي سي پيڪ ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، اهو نه رڳو ??اڪ??تان پر خطي ۾ سيڙپڪاري، ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، ان ۾ وڏا منصوبا بشمول خصوصي اقتصادي زونز، انوويشن ڪوريڊور، گرين ڪوريڊور ۽ رابطي کي فروغ ڏيڻ شامل آهي. هن چي?? ته سي پيڪ کي وڌيڪ توسيع ڏني ويندي ته جيئن پورو خطو ۽ دنيا فائدو کڻي سگهي. هن چي?? ته گوادر شهر ترقي جي سفر تي گامزن آهي، موجوده حڪومت گوادر بندرگاهه ۽ شهر جي ترقي جي لاءِ هر ممڪن قدم ۽ ڪوششون ڪيون آهن. سي پيڪ سان ان کي ??طي جي مصروف ترين بندرگاهه بڻائڻ ۾ مدد ملندي، اسان گوادر جي ترقي جي لاءِ وڌيڪ وسيلا رکيا آهن، گوادر ۾ بجلي ۽ پيئڻ جو پاڻي دستياب آهي. هن چي?? ته اسان مختلف قدمن ۽ پروگرامن جي ذريعي ملڪي معيشت کي ??حالي جي راهه تي گامزن ڪيو آهي، ان مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏيڻ تي چيني صدر، چيني حڪومت ۽ عوام جا ٿورائتا آهيون، چين جي بئنڪن گذريل چار مهينن دوران ??اڪ??تان کي ??ربين ڊالر قرض ڏئي ڀرپور مدد ڪئي. هن چي?? ته اسان کي قرض ۽ امداد تي ڀروسو نه ڪرڻ گهرجي، اسان کي پاڻ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ گهرجي، اسان جي بهادر عوام آهي، اها هر مشڪل چئلينج کي منهن ڏيڻ جي همت رکي ٿي. آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ۽ معاهدو وڏو چئلينج هو اسان جي دوست ملڪن جي مدد سان اهو معاهدو ممڪن ٿيو. وزيراعظم چي?? ته اسان کي ??ڳتي وڌڻ گهرجي ۽ ان جو واحد رستو چين جي ترقي جي ماڊل کي ??ختيار ڪرڻ آهي. عالمي سطح تي مشڪل صورتحال جي باوجود چين جي سالياني واڌويجهه شرح ساڍا 5 سيڪڙو آهي جيڪا ساراهه جوڳي آهي. ان ۾ وڌيڪ بهتري اچي رهي آهي، اسان کي چين جي تعاون، مهارتن ۽ تجربي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. چين کي ??هي ڪاميابيون دانشمنداڻي قيادت ۽ سخت محنت سان مليون آهن. اڄ اسان گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جيڪو ان گروٿ ماڊل جو جائزو وٺندو ۽ ??اڪ??تان کي موجوده صورتحال مان ڪڍڻ جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ڏيندو. هن چي?? ته ??اڪ??تان جي 22 ڪروڙ عوام سياسي ۽ عسڪري قيادت ان ڳالهه تي متفق آهن ته چين اسان جو سچو ۽ حقيقي دوست آهي. هن چي?? ته اسان کي وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ ان موقعي مان فائدو کڻڻ گهرجي ۽ گڏيل ڪميٽي قائم ڪري ٺوس تجويزون سامهون آڻڻ گهرجن ته جيئن ٻئي ملڪ گڏيل طور تي ان تي عملدرآمد ڪري سگهن. هن چي?? ته جلد اهو وقت ايند?? ته اسان قرض نه وٺنداسين ۽ ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين. هن چي?? ته اسان چين وانگر پنهنجي عوام جي غربت ختم ڪنداسين، نوڪريون ڏينداسين ۽ اهو اسان جي عوام لاءِ بهترين تحفو هوندو. پاڪ چين دوستي زندهه آباد. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ گڏيل طور تي گلوب جو بٽڻ دٻائي 10 سالن جي تقريبن جي شروعات ڪئي ۽ يادگاري سڪو ۽ يادگاري ٽڪلي جاري ڪئي. تقريب ۾ سي پيڪ سان لاڳاپيل تفصيلي ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري وئي. باجوڙ ڌماڪي جي ڪري وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايتن تي سي پيڪ جي 10 سالن جي تقريبون سادگي ملهايون پيون وڃن.