اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ا??وارالحق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ واپار، توانائي، اقتصادي ۽ عوام جي سطح تي رابطن ۾ تعاون تي ڌيان ڏيڻ جي ضرور کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ اميد آهي ته اه?? لاڳاپا مستقبل ۾ وڌيڪ وڌندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم ا??وارالحق ڪاڪڙ سان ترڪمانستان جي س??ير عطا جان مولاموف ملاقات ڪئي. سفير ترڪمانستان جي قيادت پاران نگران وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي کيس مبارڪباد ڏني. نگران وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات دوران نگران وزيراعظم ا?? ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اه?? لاڳاپا وڌيڪ وڌندا. هن خاص طور تي واپار، توانائي، اقتصادي ۽ عوام جي سطح تي رابطن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. هن توانائي ۽ بجلي جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ترڪمانستان جي س??ير انهن مخصو?? قدمن سان گڏوگڏ ٻطرفن لاڳاپن جي مجموعي دائري ۽ سگهه کي وڌائڻ ج?? لاءِ تعاون جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو.