اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان افغان پرڏيهي وزارت پاران طورخم ۾ پاڪ – افغان سرحد جي بندش بابت افغان پرڏيهي وزارت جي بيان کي حيران ڪندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته عبوري افغان عملدار طورخ?? تي پاڪستان افغانستان سرحد جي عارضي بندش جي سببن کي چڱي ريت ڄاڻين ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستان پنهنجي سرزمين جي اندر عبوري افغان حڪومت پاران ڪنهن به ڍانچي جي تعمير کي قبول نه ٿو ڪري سگهي ڇو ته اهو ان جي خودمختياري جي خلاف ورزي آهي. ترجمان چيو ته 6 سيپٽمبر تي جڏهن افغان فوجين کي اهڙي قسم جي غيرقانوني ڍانچي کي بيهارڻ کان روڪيو ويو ته هنن پرامن حل بدران اشتعال ان??يز فائرنگ جو سهارو ورتو، پاڪستاني فوجي چوڪين کي نشانو بڻايو، طورخم بارڊر ٽرمينل جي بنيادي ڍانچي کي نقصان پهچايو ۽ پاڪستان ۽ افغان شهرين جي جانين کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو. ترجمان چيو ته پاڪستاني ??رحد چوڪين تي اهڙي قسم جي اشتعال ان??يز ۽ ان??اڌنڌ فائرنگ کي ڪنهن به صورت ۾ جائز قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. افغان بارڊر سيڪيورٽي فورسز جي اشتعال ان??يز فائرنگ سان دهشتگرد عنصرن جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي، انهن عنصرن جي افغانستان جي اندر پناهگاهون آهن جنهن جي تصديق گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي تجزياتي معاونت ۽ پابندين جي نگراني ڪندڙ ٽيم پنهنجي تازي رپورٽ ۾ ڪئي آهي. هن چيو ته اسان سدائين چيو آهي ته اسان جي خواهش آهي ته افغانستان سان سرحد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ امن ۽ دوستي جي سرحد هجي، اسان ڪيترن ئي ڏهاڪ?? کان پنهنجي افغان ڀائرن ۽ ڀينرن جي کليل دل سان ميزباني ڪئي آهي، پاڪستان پاڪ افغان سرحد تي مقرر افغان فوجين پاران مسلسل بنا جواز اشتعال ان??يزين جي باوجود تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ ڳالهه ٻولهه کي ترجيح ڏني ??هي. ترجمان چيو ته عارضي بندش رڳو انتهائي صورت ۾ ٿيندي آهي، جيئن ته سرحد تي 6 سيپٽمبر 2023ع جو واقعو يا جڏهن افغان سرزمين پاڪستان جي اندر دهشتگرد حملن جي لاءِ استعمال ٿيندي آهي. هن چيو ته افغان پرڏيهي وزارت جي بيان ۾ پاڪستاني معيشت ۽ پرڏيهي واپار بابت ڪجهه غيرلاڳاپيل تبصرا ۽ اڻوڻندڙ مشورا به شامل آهن. ترجمان چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪ?? کان پاڪستان افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ سهولت فراهم ڪئي آهي ۽ ڪندو رهندو. جيتوڻيڪ پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي جي غلط استعمال جي اجازت نه ٿو ڏئي سگهي. هن چيو ته پاڪستان سڀني ٻطرفن مسئلن ۽ خدشن کي تعميري ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي ته جيئن ٻئي ملڪ اقتصادي رابطن ۽ ان جي نتيجي ۾ خوشحالي جو فائدو کڻي سگهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته افغان عبوري عملدار پاڪستان جي خدشن کي ذهن ۾ رکندا. پاڪستان جي علائقائي سالميت جو احترام ڪندا ۽ ان ڳالهه کي يقيني ??ڻائيندا ته افغان سرزمين پاڪستان جي خلاف دهشتگرد حملن جي لاءِ لانچنگ پيڊ جي طور تي استعمال نه ٿئي.