اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) نا??ي، محصولن ۽ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو آهي ته معيشت جي اهڃاڻن ۾ بهتريءَ سان ??عيشت جي بحاليءَ جي عڪاسي ٿي رهي آهي، ٽيڪس جي نظام کي مرڪزي ڌارا ۾ آندو پيو وڃي، ٽيڪس جي بنياد ۾ واڌ لاءِ قانونسازي کان علاوه ايف بي آر کي مضبوط بڻائڻو پوندو، معيشت کي دستاويزي بڻائڻ وقت جي ضرورت آهي. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت سمورا لاڳاپيل شراڪتدار مشاورت ۽ شفافيت سان ڪم ڪري رهيا آهن، دنيا ۾ ڪوبه ملڪ ڪرنسيءَ سان کيڏڻ جي اجازت نٿو ڏي. هوءَ سڌ سماءَ واري وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ وفاقي وزير محمد علي ۽ ٻين سان ??ريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي. ان ??وقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر عاصم کچي به موجود هو. نا??ي واري وزير چيو ته نگران ??ڪو??ت کي مسئلا ورثي ۾ مليا آهن پر اسان انهن کان گهٻرائي نه رهيا آهيون بلڪ هڪ هڪ ان چئلينجن ۽ مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اسان جي ڪوشش ۽ طريقيڪار اهو آهي ته انهن مسئلن کي دانشمنداڻي ۽ احسن انداز ۾ حل ڪري سگهجي. اسان جي ڪوشش آهي ته خرچن تي ضابطو آندو وڃي ۽ ان ۾ گهٽتائي آندي وڃي، جڏهن ته محصولن ۾ واڌ لاءِ قدم کنيا وڃن. خرچن ۾ گهٽتائي ۽ محصولن ۾ واڌ ۾ بهتري اچي سگهي ٿي. نا??ي واري وزير چيو ته معيشت جي اهڃاڻن ۾ بهتري اچي رهي آهي، معاشي اهڃاڻن سان ??عيشت جي بحاليءَ جا اشارا ملي رهيا آهن. صارفين لاءِ قيمتن جا حساس اهڃاڻ مئي جي 38 سيڪڙو جي شرح سان گهٽ ٿي 26.2 سيڪڙو جي سطح تي اچي ويو آهي، ان ??ان ??اضح ٿي رهيو آهي ته اسان ??شڪلاتن مان ??ڪري رهيا آهيون ۽ قيمتن ۾ استحڪام اچي رهيو آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ ان ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. هن چيو ته پيداواري شعبي ۾ بهتري اچي رهي آهي، اسان کي اميد آهي ته زراعت جي شعبي ۾ ننڍين ۽ وڏين فصلن جي سٺي پيداوار ايندي ۽ اسان جا ذخيرا بهتر ٿي ويندا، ان سان ??جموعي معيشت تي اثر پوندا. اهڙيءَ طرح سيمنٽ ۽ ٻين شعبن ۾ بهتري آئي آهي. خدمتن جو شعبو متحرڪ آهي ۽ هي شعبو ڪيترن ئي ٻين شعبن سان ڳنڍيل آهي. نا??ي واري وزير چيو ته مانيٽري پاليسي ڪميٽي وياج جي شرح کي برقرار رکيو آهي، ان سان بهتري ايندي. قرض وٺڻ جي لاڳت گهٽ ٿيندي ۽ صنعتن کي رليف ملندو. نا??ي واري وزير چيو ته عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ سان ??ختلف م??صو??ن کي فاسٽ ٽريڪ تي مڪمل ڪرڻ لاءِ اسان جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، اسان عالمي بئنڪ سان ??ختلف م??صو??ن لاءِ 2 ارب ڊالرن جي معاونت ملندي. اهڙيءَ طرح ايشيائي ترقياتي بئنڪ رائز پروگرام کي فاسٽ ٽريڪ تي مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. نا??ي واري وزير چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته ان شعبن تي توجهه ڏني وڃي جن سان ??اڻهن کي وڌ کان ??ڌ فائدو حاصل ٿئي، اسان سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، جنهن جا هاڪاري نتيجا حاصل ٿيندا. نا??ي واري نگران ??زير چيو ته پاڪستان جي مٽاسٽا جي نا??ي جا ذخيرا مستحڪم آهن، ??ڪو??ت ايڪسچينج ڪمپنين ۾ سڌارا ڪيا آهن جڏهن ته اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ به سڄي ملڪ ۾ قدم جاري آهن ان سان رپئي جي قدر ۾ بهتري آئي آهي. هن چيو ته ??ڪو??ت بئنڪنگ ذريعي سان ??ٽاسٽا جي نا??ي جا ذخيرا حاصل ڪرڻ لاءِ 80 ارب رپين مان 20 ارب رپيا اڄ جاري ڪيا آهن. ايڪسپورٽ اينڊ امپورٽ بئنڪ کي آپريشنلائز ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪسٽم ڊيوٽيءَ ۾ گهٽتائي آئي آهي جڏهن ته ايف بي آر جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ پنهنجي هدف کان ??ڌيڪ محصول گڏ ڪيا آهن اان جي صنعت لاءِ آمدني پيداوار ضروري آهي، ان ??اءِ ان تي وڌيڪ ٽيڪس نٿا لڳايون. هن چيو ته روينيو جا مسئلا ڍانچي جاتي آهن، ٽيڪس گذارن ۽ ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ضروري آهي، ايف بي آر ۾ ان حوالي سان ڪم ٿي رهيو آهي. آءِ ايم ايف سان جيڪي هدف آهن اهي مڪمل ڪيا ويندا، اسان جي ڪوشش آهي ته ٽيڪس جي نظام کي هڪ ڌاري ۾ آندو وڃي. هڪ سوال تي هن چيو ته هن وقت ڪرنسيءَ جي قدر لاءِ جيڪي قدم کنيا پيا وڃن ان ۾ ايڪسچينج ڪمپنين لاءِ ضابطه جاتي قاعدن کي مضبوط بڻايو پيو وڃي. ان سان ??ٽاسٽا جي نا??ي جي اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي لاءِ قدمن جو سلسلو جاري آهي ڇاڪاڻ ته ڪوبه ملڪ ڪرنسي سان کيڏڻ جي اجازت نٿو ڏئي سگهي. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت سوال تي هن چيو ته ڪائونسل تحت سمورا لاڳاپيل شراڪتدار مشاورت شفافيت سان ڪم ڪري رهيا آهن. زراعت ۽ آءِ ٽي سميت مختلف شعبن تي توجهه ڏني پئي وڃي. اسان جي ڪوشش آهي ته ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري سگهجي. هڪ سوال تي هن چيو ته 18هين ترميم تحت وسيلن جي منتقلي صوبن کي ٿي آهي سنڌ ??ڪو??ت سان ??سيلن جي ورڇ ۾ ڪا زيادتي نه ٿي آهي. آءِ ايم ايف تحت اسان کي سيڙپڪاري خرچن کي شفاف رکڻو آهي، اسان جو بنيادي مقصد خساري ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪس جي ڍانچن ۾ تضاد آهي، اسان جي ٽيڪس جو بنياد تمام گهٽ آهي، اسان زراعت تي ٽيڪس لاڳو نٿا ڪري سگهون، اهڙيءَ طرح ريئل اسٽيٽ ۽ ريئ?? سيڪٽر تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۾ مشڪلاتون آهن، اسان کي ٽيڪس جي بنياد ۾ واڌ لاءِ قانونسازيءَ کان علاوه ايف بي آر کي مضبوط بنائڻو پوندو. معيشت کي دستاويزي بنائڻ وقت جي ضرورت آهي، اسان جو طريقيڪار اهو رهيو آهي ته اسان ان ??اڻهن تي ٽيڪس لاڳو ڪندا اچي رهيا آهيون جيڪي اڳ ئي ٽيڪس ڏيندا آهن، ان حوالي سان ??ظام کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ تمام ضروري آهي.