ڪراچي – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاق?? وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چو??ڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار اليڪشن ڪميشن جو آهي، آدمشماري موجب تڪبندين جو ڪم جاري آهي، چو??ڊون جنوري جي آخر ۾ ٿينديون، اليڪشن ڪميشن بااختيار هوندو ته ئي آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چو??ڊون ٿي سگهنديون، رجسٽرڊ سياسي پارٽين جي چو??ڊ مهم دوران ڪنهن به سياسي پارٽي سان ڪو امتيازي سلوڪ نه رکيو ويندو، نواز شريف جي واپسي جو معاملو عدليه سان آهي، نگران حڪومت جو ان سان ڪو تعلق نه آهي، ان بابت قياس آرائيون ڪرڻ مناسب نه ٿو سمجهان. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري نگران وفاق?? وزير چيو ته سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سان ملاقات ۾ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته سنڌ م??هن??و پ??هن??و صوبو آهي، سنڌ صوبي جي حوالي سان سنڌ جي گورنر جي تع??ير?? ۽ مثبت خيالن تي ان جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته نگران حڪومت 17 آگسٽ تي حلف کنيو، هي هڪ آئيني ۽ قانوني حڪومت آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت آدمشماري جي منظوري ڏني، چو??ڊن جي حوالي سان پاڪستان جي آئين ۾ موجود آهي ته چو??ڊون ??خر?? آدمشماري تحت ٿينديون جيئن ته ??خر?? آدمشماري 2023ع ۾ ٿي آهي ۽ ان آدمشماري تحت تڪبنديون نه ٿيون هيون. آدمشماري موجب تڪبندين جو ڪم جاري آهي، اليڪشن ايڪٽ 2017ع تحت چو??ڊ مهم جي لاءِ سياسي پارٽين کي 54 ڏينهن به ڏيڻا ضروري آهي. اليڪشن ڪميشن واضح چئي ڇڏيو آهي ته پوري ملڪ ۾ گڏ جنوري جي ??خر?? هفتي ۾ چو??ڊون ٿينديون. هن چيو ته چو??ڊون منعقد ٿيڻ جي اعلان سان افواهون پکيڙيندڙن کي مايوسي ٿي آهي. هن چيو ته چو??ڊن جي تاريخ ڏيڻ اسان جي ذميواري نه آهي، اليڪشن ايڪٽ تحت اها ذميواري اليڪشن ڪميشن جي اهي ۽ اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ڇڏيو آهي ته چو??ڊون ڪڏهن ٿينديون. اطلاعات واري نگران وفاق?? وزير چيو ته رجسٽرڊ سياسي پارٽين جي چو??ڊ مهم دوران اسان ڪنهن به سياسي پارٽي سان ڪو امتيازي سلوڪ نه رکنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هر شهري کي اظهار راءِ جو حق حاصل آهي. بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي وڏي سياسي پارٽي جو سربراهه آهي، جتي هڪ شهري ۽ صحافي کي پ??هن??ي راءِ ڏيڻ جو حق آهي اتي بلاول ڀٽو زرداري کي به حق حاصل آهي ته هو پ??هن??ي خدشن جو اظهار ڪري. هن چيو ته نجڪاري واري نگران وفاق?? وزير فواد حسن فواد اٽڪل 35 سالن تائين سول سروس ۾ رهيو، ان دوران هن پنجاب ۾ به خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ مختلف شخصيتن سان گڏ ۽ حڪومتن ۾ به هن ڪم ڪيو. هن چيو ته نگران حڪومت اچڻ کان اڳ حڪومت جو وڏو حصو مسلم ليگ (ن) جو هو، جيڪڏهن کيس وزير بڻجڻو ئي هو ته هو 16 مهينن جي لاءِ وزير بڻجي ها، ٽن چئن مهينن جي لاءِ وزير ڇو بڻجي ها؟ هن چيو ته فواد حسن فواد جي ڪا وابستگي نه آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته صحافي جان محمد مهر جي قتل جو واقعو جڏهن پيش آيو ته انهي ڏينهن م??هن??ي سنڌ جي نگران وڏ?? وزير سان ڳالهه ٿي هئي، اڄ به م??هن??ي سنڌ جي نگران وڏ?? وزير سان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. اسان جي ڪوشش آهي ته جان محمد مهر جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي ۽ سندس گهرڀاتين کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. نواز شريف جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ نگران وفاق?? وزير چيو ته اڳوڻ?? وزيراعظم نواز شريف جي واپسي جو معاملو عدليه ۽ قانون سان آهي، ان جو نگران حڪومت سان ڪو تعلق نه آهي، ان حوالي سان قياص آرائيون ڪرڻ مناسب نه ٿو سمجهان. سوشل ميڊيا جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري نگران وفاق?? وزير چيو ته بنيادي قانونسازي پارليامينٽ جو اختيار آهي، هن وقت پارليامينٽ ۾ رڳو سينيٽ موجود آهي، جيڪڏهن اهو ڪا قانونسازي ڪري ٿو ته اها ايڪٽ جو درجو حاصل نه ٿي ڪري سگهي. نگران حڪومت وٽ اختيار نه آهي ته اها بنيادي قانونسازي ڪري. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن بااختيار هوندو ته ئي آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چو??ڊون ٿينديون. اليڪشن ڪميشن جي منظوري کانسواءِ ڪنهن جي بدلي نه ٿي ڪري سگهجي. اطلاعات واري نگران وفاق?? وزير چيو ته اخبارن ۽ ٽي وي چينلز ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرز جي مسئلن کان آگاهه آهيان، اسان جي ڪوشش هوندي ته قانون جي اندر رهندي انهن مسئلن کي حل ڪريون. صحافي خالد جميل جي گرفتاري بابت سوال تي اطلاعات واري نگران وفاق?? وزير چيو ته خالد جميل کي ايف آءِ اي گرفتار ڪيو آهي، هڪ عدالت سندس گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا هئا. هن چيو ته آئين ۽ قانون تحت 24 ڪلاڪن ۾ ان جي عدالت ۾ پيشي لازمي آهي. هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قانون تحت ڪارروائي ڪن ٿا، قانون تحت اهو معاملو عدالتن ۾ وڃڻ گهرجي ۽ اسان عدالتي معاملن ۾ مداخلت نه ٿا ڪرڻ چاهيون. هن چيو ته خالد جميل سان جيڪڏهن ڪا زيادتي ٿي آهي ته قانون ۾ رهندي ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.