اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ قطر جي گڏيل مفاد جي لاءِ معيشت ۽ دفاع جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تع??ون ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ بهتر ٿيندو. ا??وا?? صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار قطري هٿياربند فوج جي چيف آف اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل (پائليٽ) سليم حماد عقيل النابت سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو جنهن پنهنجي وفد جي ميمبرن سان گڏ ا??وا?? صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته پاڪ – قطر لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند ڪاروباري ۽ ??قت??ادي لاڳاپن ۾ بدلجڻ گهرجي. هن چيو ته هن سال پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 50 هين سالگرهه ملهائي ويندي، اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تع??ون ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ بهتر ٿيندو. صدر گذريل سال جي ٻوڏ دوران انساني امداد فراهم ڪرڻ، مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي مالي مدد تي قطر جا ٿورا مڃيا. صدر قطر کي في??ا 2022ع فٽ بال ورلڊ ڪپ جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني. صدر قطري چيف آف اسٽاف کي نشان امتياز (ملٽري) جو اعزاز ملڻ تي پڻ مبارڪباد ڏني. صدر ا??وا?? صدر ۾ هڪ خصوصي تقريب ۾ ليفٽيننٽ جنرل (پائليٽ) سليم حماد عقيل النابت کي نشان امتياز (ملٽري) جو اعزاز پڻ عطا ڪيو. صدر اعزاز ٻنهي ملڪن جي فوجن جي وچ ۾ تع??ون جي فروغ ۾ ڪردار جي اعتراف ۾ عطا ڪيو.