اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته هاڪي جي رانديگرن کي عالمي مقابل?? جي تياري جي لاءِ هر قسم جون سهولتون فراه?? ڪيون وڃن، هاڪي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ان جو وڃايل مقام ڏيارينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ کٽيندڙ پاڪستان هاڪي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اصلاح الدين صديقي سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاق??ت ۾ اصلاح الدين صديقي نگران وزيراعظم کي پنهنجي سوانح عمري ”ڊيش ٿرو مائي لائيف“ پيش ڪئي. ملاق??ت ۾ پاڪستان ۾ هاڪي جي م??جو??ه صورتحال، ا?? جي بحالي ۽ فروغ جي لاءِ قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اصلاح الدين صديقي گذريل رات هاڪي چيمپيئن شپ پڄاڻي واري مئچ ۾ نگران وزيراعظم جي شرڪت تي سندس ٿورا مڃيا. اصلاح الدين صديقي رانديگر?? جي حوصلا افزائي تي نگران وزيراعظم کي ساراهيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستاني هاڪي ٽي?? ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين هاڪي جي ميدانن ۾ ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو آهي. قومي راند هاڪي جي پاڪستان ۾ م??جو??ه صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، پاڪستان ۾ هاڪي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ان جو وڃايل مقام ڏياري رهنداسين. هن چيو ته اصلاح الدين صديقي جهڙا ليجينڊ پاڪستان جا اصل هيرو آهن، حڪومت ن??جو??نن ۾ هاڪي جي فروغ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته هاڪي جي رانديگرن کي عالمي مقابل?? جي تياري لاءِ هر قسم جون سهولتون فراه?? ڪيون وڃن.