اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صحافت ۽ سي??ست جو اڻ ٽُٽ ساٿ آهي، جمهوريت ۾ اختلاف راءِ معمول جي ڳالهه آهي، آئون پاڻ صحافي برادري مان آهيان، سدائين ??ظه??ر راءِ جي آزادي ج?? حامي رهيو آهيان ۽ اڃا به ان تي قائم آهيان. اها ڳالهه هن پارليامينٽ هائوس جي پريس لائونج ۾ پي آر اي جي صدر عثمان خان ۽ ٻين صحافين سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي پي آءِ او طارق خان به موجود هو. اطلاعات واري نگران وف??قي وزير چيو ته سمورن صحافين سان سدائين عزت ۽ احترام جو رشتو رهيو آهي. هن چيو ته ڪجهه وقتن تي سخت ڳالهيون به ٿي وينديون آهن پر اهو جمهوريت جو حصو آهي. اسان گذريل ڏينهن هڪ پريس ريليز به جاري ڪئي هئي، جيڪا نگران حڪومت جي ترجماني ڪري ٿي.