اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين جي اڳوڻي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان اڄ هڪ عظيم دوست کان محروم ٿي ويو، لي ڪي چيانگ پاڪ چين اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جو وڏو حامي هو، لي ڪي چيانگ هڪ ويزنري اڳواڻ هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي تع??يت?? بيان ۾ چيو ته مون کي چين جي اڳوڻي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌ?? انتهائي افسوس ٿيو، پاڪستاني عوام پاران لي ڪي چيانگ جي خاندان، چيني عوام ۽ قيادت سان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته مارچ 2020ع ۾ چين جي پنهنجي يڪجهتي جي دوري د??را?? مون کي بيجنگ جي عظيم عوامي هال ۾ ساڻس ملڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، مون لي ڪي چيانگ کي هڪ مخلص دوست ۽ اسان جي سدا??ها?? دوستي کي وڌيڪ مستحڪم ??رڻ جي لاءِ پرجوش ڏٺو.