اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي ??ردو يونيورسٽي جي سمورن ڌرين ۽ سينيٽ ميمبرن تي زور ڏنو آهي ته اهي يونيورسٽي جي نمايان پوزيشن بحال ڪرڻ جي لاءِ ان جي معاملن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ وفاقي ??ردو يونيورسٽي جي سينيٽ جي 49 هين خصوصي اجلاس ج?? ص??ارت ڪندي ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت جي سيڪريٽري، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ ٻين سينيٽ ميمبرن شرڪت ڪئي. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته يونيورسٽي جي سينيٽ جا اجلاس باقاعدگي سان نه ٿي رهيا آهن. هن يونيورسٽي جي سمورين ڌرين ۽ سينيٽ ميمبرن تي زور ڏنو ته اهي يونيورسٽي جي نمايان پوزيشن بحال ڪرڻ جي لاءِ معاملا بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪن. صدر وقت سر فيصلا ڪرڻ جي لاءِ اهم عهدن تي مقررين جي ضرورت تي زور ڏنو. يونيورسٽي جي سينيٽ پروفيسر ڊاڪٽر روبينه مشتاق جي بطور وقتي وائيس چانسلر وفاقي ??ردو يونيورسٽي مقرري جي منظوري ڏن??. ا?? موقعي تي وفاقي ??ردو يونيورسٽي جي باقاعده وائيس چانسلر جي مقرري جي لاءِ سرچ ڪميٽي جوڙڻ تي پڻ غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ وائيس چانسلر جي مقرري جو عمل 60 ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي ??ردو يونيورسٽي جي سينيٽ و??اقي ??ردو يونيورسٽي آرڊيننس جي شقن جي ڏس ۾ انجمن ترقي ??ردو پاڪستان ج?? ص??ر جي سينيٽ ميمبر طور خدمتون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. جڏ??ن ته اجلاس ۾ ايڇ اي سي جي فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ ۾ بي ضابطگين جي الزامن جي جاچ جي لاءِ انڪوائري ڪميٽي ٺاهڻ ۽ ڪميٽي جون سفارسون سينيٽ کي پيش ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.