ڪوئيٽا – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ?? پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پيمرا رولز تحت لائيسنس يافته ٽي وي چينلز چئني صوبائي گادي وارن شهرن ۾ پنهنجُون بيورو آفيسون قائم ڪرڻ جا پابند آهن، جيڪي چينل پنهنجا بيورو بند ڪري رهيا آهن، انهن جي مالڪن سان ڳالهه ڪنداسين، ميڊيا ورڪرز سان يڪ??هتي جو ا??ها?? ڪريون ٿا. اهڙن خيالن جو ا??ها?? هن بلوچستان يونين آف جرنلسٽس جي اهتمام هيٺ بول نيوز، روزاني دنيا ۽ روزاني انتخاب مان ورڪرز جي جبري برطرفين جي خلاف منعقد مظاهري سان يڪ??هتي جو ا??ها?? ڪندي ڪيو. بلوچستان يونين آف جرنلسٽس جي صدر ??رفان سعيد ان موقعي تي چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ميڊيا ورڪرن جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻن، بلوچستان ۾ اڳ ۾ ئي روزگار جا موقعا محدود آهن. ان موقعي تي اطلاعات واري نگران صوبائي وزير جان اچڪزئي صحافين جي برطرفي تي افسوس جو ا??ها?? ڪندي چيو ته اهڙيون پاليسيون لازمي آهن جيڪي صحافي برادري سميت ملازمن جي حقن جو تحفظ ڪن.