اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي وزيراعظم يوٿ اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام تحت عورتن جي ڪوٽه 33 سيڪڙو مان وڌائي 40 سيڪڙو ڪري ڇڏي. مدد علي سنڌي نيوٽيڪ طرفان پرائيم منسٽر يوٿ اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام ج?? اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪئي. وفاقي زوير ??ني تربيت پاڪستان جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي ثابت ٿي سگهي ٿي. هن چ??و ته اهو ضروري آهي ته اسان پاڪستان جي نوجوانن جي ڀرپور صلاحيتن مان فائدو کڻون. هن پرائيم منسٽر يوٿ اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايم واءِ ايس ڊي پي) کي ساراهيو ۽ـ چ??و ته ان پروگرام ج?? اثرائتي ۽ عملي لاڳو ڪرڻ سان انتهائي مثبت نتيجا ملي سگهن ٿا. مدد علي سنڌي پرائيم منسٽر يوٿ اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام ۾ عورتن جي ڪوٽا 33 سيڪڙو مان وڌائي 40 سيڪڙو ڪري ڇڏي. هن چ??و ته جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان موجوده سماجي چئلينجن تي ضابطو آڻي ته عورتن کي بااختيار بنائڻ هڪ اهم سنگل ميل آهي جنهن کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن حڪم ڏنو ته سمورن معذور شاگردن جي ڪنهن به ڪوٽا کان سواءِ سيٽون ڏنيون وڃن. هن نيوٽيڪ کي ان جي سهولت لاءِ وڏن شهرن ۾ رهائش جو انتظام ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. نيوٽيڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر وفاقي وزير کي ٻُڌا??و ته موجوده پرائيم منسٽر يوٿ اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام ج?? لاڳت تقريبن 10 ارب رپيا آهي. هن چ??و ته ان پروگرام تحت هاڻ تائين 61 هزار نوجوانن کي تربيت ڏني وئي آهي، جن مان 96 هزار هاءِ ٽيڪ ٽريننگ حاصل ڪئي آهي ۽ 64 هزار روايتي تربيت حاصل ڪري چڪا آهن. هن وفاقي وزير کي ٻُڌا??و ته ان تريبت حاصل ڪندڙ افرادي سگهه ۾ روزگار جي شرح 71 سيڪڙو آهي. تعليم واري وزير کي بريفنگ ۾ ٻُڌا??و ته ڪل تربيت و??ندڙ شاگردن مان 42 هزار عورتون آهن. وفاقي وزير کي صوبائي بريڪ ڊائون جي باري ۾ ٻُڌا??و ته پنجاب مان 67 هزار، ڪي پي ڪي مان 20 هزار، سنڌ مان 38 هزار، بلوچستان مان 12 هزار ۽ گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد مان 22 هزار نوجوانن کي ٽرين ڪيو ويو آهي. مدد علي کي پرائيم منسٽر يوٿ اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام ج?? باري ۾ بريفنگ ڏني وئي.