اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن ۾ ڪشمير مس??لي تي پاڪستان جي موقف کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عالمي سطح تي ملڪ جي معاشي ??لائي جي لاءِ موقعن جي نشاندهي ڪرڻ پاڪستان جي سمورن سفارتي نمائندن جي اولين ترج??ح هجڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مس??قبل نمائندي منير اڪرم سان ڳالهه ٻول??ه ڪندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ منير اڪرم کي گڏيل قومن جي پليٽ فارم تي فلسطين مس??لي تي پاڪستان جي موقف جي موثر نمائندگي تي ساراهيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ منير اڪرم کي گڏيل قومن ۾ ڪشمير مس??لي تي پاڪستان جي موقف کي لاڳيتو اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي ملڪ جي معاشي ??لائي جي لاءِ موقعن جي نشاندهي ڪرڻ پاڪستان جي سمورن سفارتي نمائندن جي اولين ترج??ح هجڻ گهرجي. منير اڪرم نگران وزيراعظم کي پنهنجي مشن جي ڪارڪردگي کان آگا??ه ڪيو ۽ نگران وزيراعظم کان پرڏيهي پاليسي جي ڏس ۾ هدايتون ورتيون.