ڊيووس – 18 – جنوري (اي پي پي) نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ سان سعودي ع??ب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان بن عبدالله ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي ?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزي??اع??م پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن جي اسٽريٽجڪ اهميت تي زور ڏنو جيڪي گڏيل ثقافتي ورثي ۽ گڏيل مفادن سان واڳيل آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان واپار، سيڙ??ڪا??ي ۽ عوامي رابطن سميت ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. نگران وزي??اع??م خادم الحرمين الشريفين جي قيادت کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي عوام سعودي ع??ب جي قيادت ۽ عوام جي لاءِ انتهائي احترام جا جذبا رکي ٿي. نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ ۽ سعودي ع??ب جي پرڏيهي وزير ملاقات ۾ علائقائي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا علائقائي استحڪام جو ذريعو آهن.