اسلام آ??اد-12 مارچ (اي پي پي)توانائي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ عهدي جو چارج سنڀالي ورتو. وزارت آمد تي سيڪريٽري پيٽروليم مؤمن آغا ۽ ٻين آفيسرن وفاقي وزير جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته عوام جي سهول?? موجود?? حڪومت جي اولين ترجيح آهي. سحري ۽ افطار جي وقتن ۾ بجلي ۽ گيس جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. هن چيو ته گردش?? قرضن جي پائيدار حل لاءِ تجويزن تي ڪم شروع ??ري ڇڏيو آهي. گيس ۽ معدنيات جي شعبن ۾ مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جي سهولت ڪئي ويندي. مشڪل حالتن باوجود حڪومت جي پاليسين جو محور عوام آهي. آفيسرن طرفان وفاقي وزير کي بريفنگ ڏني وئي.