اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هندو برادري کي ”هولي“ جي ڏڻ جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان کي فخر آهي ته پاڪستان مختلف عقيدن، نسلن، ثقافتن ۽ زبانن ج?? حسين امتزاج آهي، اچو ا??ان سڀ گڏجي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل هدف جي لاءِ ڪم ڪريون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??وج?? وزيراعظم محمد شهباز شريف هولي جي خوشي جي موقعي تي پ??هنجي پ??غام ۾ چيو ته آئون پوري دنيا خاص طور تي پاڪستان ۾ رهندڙ هندو برادري جي ماڻهن کي رنگن جي ڏڻ ”هولي“ جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏيان ٿو، اسان کي فخر آهي ته پاڪستان مختلف عقيدن، نسلن ۽ ثقافتن ۽ زبانن ج?? حسين امتزاج آهي، اچو ا??ان سڀ گڏجي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل هدف جي لاءِ ڪم ڪريون. وزيراعظم چيو ته آئون دعا ڪريان ٿو ته بهار جي موسم جو اچڻ اسان سڀني جي لاءِ نئين شروعات، اميد ۽ خوشي جو پيغام ثابت ٿئي.