اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، رابطن، تعليمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين کي گڏجي ??م ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر جمهوريه آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف ملاقات ڪئي. آذري سفير جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان آذربائيجان کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان عيدالفطر جي موقعي تي پنهنجي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏنو. هن جون 2023ع ۾ ب??ڪو جي دوري دوران آذربائيجان جي قيادت سان پنهنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي صدر عليوف جي جل?? کان جل?? پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي ??نل دعوت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آذربائيجان کي نومبر 2024ع ۾ منعقد ٿيندڙ گڏيل قومن جي ??انفرنس آف پارٽيز ڪوپ 29 سربراهي اجل??س جي لاءِ ميزبان جي طور تي چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هو اڳئين هفتي آذربائيجان جي ماحوليات واري وزير جي استقبال جو منتظر آهي جيڪو ڪوپ 29 جي اجل??س جي لاءِ آذري صدر جو باضابطا دعوتنامو کڻي ايندو. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، رابطن، تعليمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين جي ??ڏجي ??م ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته هڪ اعليٰ سطحي وزارتي وفد ب??ڪو موڪلڻ جو ارادو رکون ٿا، پاڪستان جل?? کان جل?? پاڪستان آذربائيجان گڏيل ڪميشن جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ پڻ تيار آهي جتي ٻئي ڌريون مختلف شعبن ۾ تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ??ي وٺ ڪري سگهن ٿيون. آذري سفير ب??ڪو ۽ ڪراچي جي وچ م اڏامن جي تازي افتتاح کانسواءِ ب??ڪو ۽ اسلام آباد سان گڏوگڏ ب??ڪو ۽ لاهور جي وچ ۾ اڳ ۾ ئي هلندڙ اڏامن تي روشني وجهندي ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جو هلندڙ مهيني جي آخر ۾ پاڪستان جو دورو پڻ متوقع ??هي. هن وزيراعظم کي مختلف اداراجاتي مڪينزم ۽ ان حوالي سان ٿيندڙ اهم ملاقاتن بابت پڻ آگاهه ڪيو. ب??ڪو شهر جي خوبصورتي کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته هو اسلام آباد جي خوبصورتي ۾ اضافي جي حوالي سان ب??ڪو جي طرز تي اڏاوتن جو خواهشمند ??هي. هن اسلام آباد ۽ ب??ڪو جي وچ ۾ سسٽر سٽي معاهدي جي تجويز پڻ ڏني. وزيراعظم چيو ته پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجي ??ائراڻن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو ۽ صدر الهام عليوف جي جل?? اسلام آباد جي دوري جو پڻ منتظر ??هي.