اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آذربائيجان کي ڪوپ – 29 ڪانف??نس جي ميزباني حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڪوپ – 29 جي نتيجي ۾ اسرندڙ ملڪن کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مالياتي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري آذربائيجان جي ماحولياتي ۽ قدرتي وسيلن واري وزير مختار بابائيف سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر ماحولياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ماحول دوست ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ، وڻڪاري کي فروغ ڏيڻ ۽ گرين هائوس گئسن جو اخراج گهٽ ڪرڻو پوندو، گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلي سان گليشيئرز متاثر ٿي رهيا آهن، گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلي پاڻي جي کوٽ جو سبب به بڻجي رهيا آهن، ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ، منفي اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عالمي تعاون گهربل آهي. صدر چيو ته پاڪس??ان لکين هيڪٽرز تي تمر جا ٻيلا لڳايا آهن، تمر سان پاڪس??ان کي ڪاربن ڪريڊٽ حاصل ڪرڻ، ماحولياتي تحفظ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪس??ان آذربائيجان سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪس??ان آذربائيجان سان گڏيل مفادجي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ س??هه ڏيڻ چاهي ٿو. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ رابطن، ٻطرفي مٽاسٽا ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو. آذربائيجان جي ماحوليات واري وزير مختار بابائيف پاڪس??ان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ سياحت ۽ ثقافت جي شعبي ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. آذربائيجان جي ماحوليات واري وزير نومبر 2024ع ۾ باڪو ۾ ٿيندڙ ڪوپ – 29 ڪانف??نس ۾ شرڪت جو دعوتنامو صدر کي پهچايو. صدر ڪوپ – 29 ڪانف??نس جي ڪامياب ميزباني جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته آذربائيجان ماحولياتي لحاظ کا?? اسرندڙ ملڪن جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.