اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشميري عوام جي مسئلن جي حل لاءِ 23 ارب رپين جي ف??ري فراهمي جي منظ??ري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ آزاد ڪشمير جي تازي صورتحال تي خصوصي اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ آزاد ڪشمير ج?? وزيراعظم، آزاد ڪشمير ج?? وزيرن ۽ اعليٰ سياسي قيادت شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وفاق?? وزيرن ۽ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تازي صورتحال جو تفصيلي جائزو وٺڻ کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشميري عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ 23 ارب رپيا ف??ري فراهم ڪرڻ جي منظ??ري ڏئي ڇڏي. ڪشميري قيادت ۽ سمورن شرڪت ڪندڙن وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا مڃيا.