اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) جي ذريعي ملڪ ۾ پائيدار ترقي رکندڙ منصوبا آندا وڃن، سمورن وڏن قومي ترقياتي منصوبن جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن لازمي ٿيندي، ترقياتي بجيٽ ۽ پي ايس ڊي پي جي حوالي سان منصوبابندي واري وزير جي سربراهي ۾ ڪابينا ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا پي ايس ڊي پي پروگرامز جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ جي حوالي سان گهٽ مدي، وچولي مدي ۽ ڊگهي مدي وا??يو?? تجويزون جوڙي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌ??ائ?? موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ منصوبابندي واري وزارت ۽ پبلڪ پ??ائ??ويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي جي معاملن تي اهم اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام ۾ اهڙا منصوبا آندا وڃن جنهن سان ملڪ جي پائيدار ترقي ممڪن ٿي سگهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورن وڏن قومي منصوبن جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪ??ائ?? وڃي. هن و??يراعظم جي ترقياتي بجيٽ ۽ پي ايس ڊي پي جي حوالي سان ڪابينا ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اها ڪميٽي پي ايس ڊي پي پروگرام جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي حوالي سان گهٽ مدي، وچولي مدي ۽ ڊگهي مدي وا??يو?? تجويزون جوڙيندي. وزيراعظم پي ايس ڊي پي پروگرامز ۽ صوبن جي سالياني ترقياتي پروگرام جي حوالي سان وفاق ۽ صوبن ۾ هم آهنگي ۽ را??طا بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم سمورين وفاقي وزارتن کي پبلڪ پ??ائ??ويٽ پارٽنرشپ منصوبن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين و??ري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اقصادي معاملن و??ري وفاقي وزير احد خان چيما، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق م??ڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.