تهران – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي دو??ي دوران مرحوم ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ سندس ساٿين جي حوالي سان منعقد تعزيتي تقريب ۾ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سميت عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير سميت هيليڪاپٽر حادثي جي شهيدن جي تعزيت لاءِ ايران جي هڪ ڏينهن جي دوري تي ويو. ان موقعي تي وزيراعظم جي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي. وزيراعظم سان آذربائيجان جي وزيراعظم علي اسدوو پڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان جا ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم باڪو ۾ ٿيندڙ 29 هين گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پا??ٽيز جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني جي وچ ۾ ملاقات پڻ ٿي. ملاقات ۾ پاڪ قطر ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻي?? معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي. وزيراعظم ترڪيه ج?? نائب صدر جودت يلماز ۽ ترڪيه ج?? پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان جدا جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. ملاقاتن ۾ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻي?? معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ايران جي سپريم ليڊر جي مقرر ڪيل انتظامي اسيمبلي ”مجمع تشخيص مصلحت نظام“ جي ميمبر احمدي نزاد سان پڻ ملاقات ڪئي.