شينزن – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم جي چين جي دوري دوران وفاقي وزيرن عبدالعليم خان ۽ ڄام ڪمال خان پاران چيني ڪمپنين سان ٻطرفا معاهدا ڪيا ويا. پلاننگ ڪميشن پاران جاري پڌرائي موجب پاڪستان مان بورڊ آف انويسٽمينٽ، ڪامرس ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي جي چيني ادارن سان بز??س ٽو بزنس سرگرميون شامل آهن، سيڙپڪار?? بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي ڪمپنين جي سي اي اوز سان ملاقاتون ڪيون. چين جي چنگ ڊائو گروپ، زنگ جيانگ جي وفد پڻ سيڙپڪار?? بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان اهم اجلاس ٿيو. چين جي ڪمپنين جو پاڪستان جي مختلف اهم شعبن ۾ وڏي سيڙپڪاري جي لاءِ دلچسپي جي اظهار، معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون. زراعت، فرٽيلائيزر، آءِ ٽي، موبائيل مينوفيڪچرنگ، فارماسيوٽيڪل، فٽ ويئر ۽ فائبر جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ٿيندي. سيڙپڪار?? بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته بز??س ٽو بزنس سرگرمين ۾ چيني ڪمپنين جي حوصلا افزائي ڪنداسين، حڪومت رڳو سهولتڪار، سيڙپڪاري جي لاءِ پاڪستان ۾ نجي شعبي کي مڪمل فري هينڊ ڏيندي. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جي واپاري برادري جي وچ ۾ ٻطرفي حصيداري خوش آئنده ثابت ٿيندي، توانائي، انفر??سٽ??ڪچر ڊيولپمينٽ، فارمنگ، انجنيئرنگ ڪنسٽرڪشن ۽ لاجسٽڪ جي شعبن ۾ پڻ سيڙپڪاري ٿيندي. سيڙپڪاري جي لاءِ هوٽلنگ، ٽوئرازم، ڪلچر، اسپورٽس گڊز، ٽيڪسٽائيل، ڊيڪو ريشن انڊسٽري ۽ ايئرپورٽ ڊيزائننگ شامل آهي. سولر پينل، آپٽيڪل فائبر ڪيبل، اسٽيل ??سٽ??ڪچر، منرل ڊيولپمينٽ ۽ پلاسٽڪ سان آلودگي جي خاتمي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هن چيو ته چين جي دوري ۾ پاڪستان مان ناليواري ڪاروباري شخصيتن جي شرڪت حوصلي جوڳي آهي. وفاقي وزيرن عبدالعليم خان ۽ ڄام ڪمال جي چين جي اهم ڪاروباري گروپس سان مشاورتي اجلاس ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪ چائنا بزنس ڪانفرنس جي ثمر آور ٿيڻ س??ن معيشت وڌيڪ مضبوط ٿيندي.