اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني صنعتن جي پاڪستان منتقلي جي حوالي سان چيني ۽ پاڪستاني ڪمپنين جي وچ ۾ جوائنٽ وينچر منصوبي جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ اندروني ۽ ٻاهرئين سي??پڪاري جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت واپا??ين ۽ سي??پڪارن جي لاءِ ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ سي??پڪاري بورڊ جي معاملن تي اهم اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم پنهنجي چين جي دوري دوران شينزن ۾ پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن جي حوالي سان اڳڀرائي تي جامع رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئ??. وزيراعظم خصوصي اقتصادي زونز ون اسٽاپ شاپ جي قانون جي مسودي تي چين جي دوري کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جي ڏس ۾ نظرثاني جي هدايت ڪندي چيو ته چين جي ٽيڪسٽائيل، چمڙي، فٽ ويئر ۽ ٻين صنعتن جي پاڪستان ۾ ري لوڪيشن جي حوالي سان تمام گهڻي صلاحيت موجود ??هي. اجلاس کي سي??پڪاري بورڊ واري سي??ريٽري پاران ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته چيني صنعتن جي پاڪستان ۾ ري لوڪيشن جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن، اسلام آباد بزنس فيسلي ٽيشن مرڪز قائم ڪرڻ جي حوالي سان چيني ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون پيون وڃن، آسان ڪاروبار ايڪٽ جو مسودو جلد ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي ۾ موڪليو پيو وڃي. اجلاس ۾ نجڪاري ۽ سي??پڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير مح??د اورنگزيب، پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئ??.