اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامي ج??هو??يه ايران جي اسلامي مشاورتي اسيمبلي جي اسپيڪر محمد باقر غاليباف جي دعوت تي 30 جولاءِ تي تهران جو دورو ڪندو جتي هو نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان جي حلف برداري واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بري??نگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته هي دورو ٻنهي مل??ن جي قيادت جي سطح تي رابطن ۽ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جي تصديق ڪري ٿو.