اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) ناڻ?? ۽ ??حصول واري وفاقي وزير سينيٽر ??حم?? اورنگزيب ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي ۾ ضابطي وارن سڌارن تي اثرائتي نموني عمل ڪرڻ جي ضرورت ت?? زور ڀريو آهي. هن اها ڳالهه جيڪب ڪارڊوا اينڊ ايسوسيئيٽس جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اسڪاٽ جيڪب سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪئي. سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽر?? ۽ ??اڳاپيل وزارتن، ڊويزنن جا آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. ملاقات ۾ ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ مجموعي ضابطا جاتي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان سڌارن تي ڳالهيون ٿيون. اسڪاٽ جيڪب ريگيوليٽري نظام کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ جامع تجويزون ڏنيون. هن ان حوالي سان بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ معياري طريقيڪار جي تجويز به ڏني. ناڻي واري وزير سڌارن جي اهميت جي تائيد ڪندي انهن سڌارن تي موثر نموني عمل ڪرڻ جي ضرورت ت?? زور ڀريو. ڳالهين ۾ انهن شعبن جو به خاص طور تي ذڪر ڪيو ويو جتي ضابطا جاتي فريم ورڪ جي حوالي سان سڌارا ضروري آهن. ڌرين ضابطا جاتي سڌارن لاءِ ڍانچا جاتي طريقيڪ??ر اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.