اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ۽ پرنسپ?? انفارميشن آفيسر مبشر حسن، انفارميشن ڊپارٽمينٽ ريجنل آفيس لاهور جي ڊائريڪٽر جنرل شفقت عب??س جي ڀاءُ، ڊي ايس پي ٽريفڪ پوليس راولپنڊي چوڌري مسرت عب??س جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي تعزيتي بيان م سڌ سماءَ واري وفاقي سيڪريٽري ۽ پي آءِ او مرحوم جي ڪٽنب سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. سڌ سماءَ واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته چوڌري مسرت عب??س انتهائي لائق، محنتي ۽ ايماندار آفيسر هو. هن پنهنجي زندگي جو وڏو حصو ملڪ جي خدمت لاءِ وقف ڪيو، مرحوم پنهنجي ذميوارين کي سهڻي نموني انجام ڏنو ۽ هميشه قانون جي پاسداري ڪئي. پرنسپ?? انفارميشن آفيسر مبشر حسين چيو ته ڊي ايس پي مسرت عب??س نه صرف قابل آفيسر هو پر هڪ بهترين انسان به هو، مرحوم جي ملڪ ۽ قوم لاءِ خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. سڌ سماءَ واري وفاقي سيڪريٽري ۽ پرنسپ?? انفارميشن آفيسر مرحوم جي بخشش ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪ??ي.