اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪستان 33 ڪمپنين سان چين امپورٽ ايڪسپو ۾ شرڪت ڪندو. اهڙو اظهار هن چيني واپار واري نائب وزير لينگ جي سان پنهنجي آفيس ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ واپاري تعاون کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته ??ين پاڪستان سان واپاري م??قعا وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان شين جي امپورٽ ۾ چين دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، ٻنهي م??ڪن وچ ۾ واپاري ڳاڻيٽي ۾ اضافو ڪيو ويندو. پاڪستان ۽ چين وچ ۾ آزاد واپاري معاهدي تي ڪميٽي جو اجلاس جلد گهرايو ويندو. ملاقات ۾ ٻنهي م??ڪن جي زرعي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ ۽ گوادر پورٽ جي مڪمل فعاليت جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيني نائب وزير ايس سي او وزارتي اجلاس جي م??زباني تي پاڪستان کي مب??رڪباد پڻ پيش ڪئي.