اسلام آباد-02 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي زرداري هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي تازي لهر ۽ برساتن کانپوءِ ??وڏ جي صورتحال ۽ ان تي ضابطو آڻڻ جي قدمن بابت آگاهه ڪيو. سومر ڏينهن پي پي پي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سرفراز بگٽي بلوچستان جي سياسي صورتحال تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي. وڏي وزير بلوچستان ۾ دهشتگردي جي تازي لهر ۽ ان ضابطو آڻڻ جي قدمن با??ت بريفنگ ڏني. هن بلوچستان ۾ برساتن کانپوءِ جي ??وڏ جي صورتحال ۽ ان تي ضابطو آڻڻ جي قدمن با??ت به آگاهه ڪيو. جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري سان پي پي پي پي جي سيڪريٽري جنرل نئير حسين بخاري، پ پ پ جي انساني حقن بابت ڪميٽي جي صدر فرحت الله بابر ۽ پ پ پ پ سينٽرل پنجاب جي صدر راج?? پرويز اشرف زرداري هائوس ۾ ملاقات ڪئي، مُلاقات ۾ سياسي ۽ تنظيمي صورتحال تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ اڳوڻي اسپيڪر راج?? پرويز اشرف، پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي پنجاب جي سياسي ۽ تنظيمي صورتحال تي بريفنگ ڏني.