اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) چيو آهي ته ڊجيٽل واپار جي ضم ??يڻ جي حوالي سان پاڪستان ۽ و?? ايشيائي رياستن وچ ۾ واپاري معاهدا وڏي اهميت وارا آهن. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ سينٽرل ايشيا ريجنل اڪنامڪ ڪوآپريشن (ڪاريڪ) جي هڪ مطالعي جي روشنيءَ ۾ پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چئي آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته پاڪستان جي ڪيترن ئي وچ ايشيائي ملڪن خا?? طور تي افغانستان، قازقستان، تاجڪستان ۽ ازبڪستان سان علائقائي واپاري معاهدا ڊجيٽل واپار ۾ ضم ??يڻ کي اڳيان وڌائڻ لاءِ اهم آهن. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته ڪووڊ – 19 جي روشنيءَ ۾ ڊجيٽل واپار جي اهميت ۾ واڌ ٿي ۽ ن??ين منظرنامي ۾ علائقائي واپار ضم ??يڻ کي هٿي ملي ۾ ڊجيٽل ڪنيڪٽيوٽي، ريگيوليٽري ۾ آساني ۽ هنرمند ليبر جي ضرورت کي اجاگر ڪيو ويو. رپورٽ موجب ڊجيٽل واپار ضم ??يڻ جو تصور سرحد پار ڊجيٽل شين، خدمتن، ٽيڪنالاجيز ۽ ڊيٽا جي هموار چُرپر ۽ حرڪت تي ٻَڌل آهي، جنهن ۾ مربوط ريگيوليٽري ۽ فني ماحول به شامل آهي. رپورٽ موجب 2010ع کانپوءِ علائقائي واپار ضم ??يڻ ۾ 40 سيڪڙو واڌ ٿي. رپورٽ ۾ ملڪن وچ ۾ ڊجيٽل واپار ۽ ان واپار جي ضم ??يڻ جي سطحن ۾ خا?? طور تي موبائل ڪنيڪٽويٽي، انٽرنيٽ جي رفتار ۽ نيٽ ورڪ جي تياريءَ ۾ نمايان طور آساني ٿي آهي. رپورٽ ۾ ڊجيٽل ڪنيڪٽويٽي کي وڌائڻ، لاڳت کي گهٽ ڪرڻ ۽ روانگي واپار جي ڳاڻيٽي کي وڌائڻ لاءِ اندرون ملڪ ۽ سرحد پار ڊجيٽل انفراسٽرڪچر کي بهتر بنائڻ، سرحد پار ڊجيٽل واپار کي آسان بنائڻ لا??ِ ڪسٽم جي طريقيڪار ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ شين جي معيار ۽ واپاري ضابطن تي اتفاق راءِ لاءِ پاڪستان ۽ و?? ايشيائي ملڪن وچ ۾ ڊائلاگ پليٽ فارم ٺاهڻ سميت ڪيتريون ئي تجويزون به ڏنيون ويون. ان کان علاوه ڏي وٺ کي بهتر بنائڻ لاءِ علائقائي اليڪٽرانڪ ادائگي جو طريقيڪار سولو بنائڻ ۾ تعاون جي ضرورت به زور ڀريو ويو.