اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي 36هين سالگره 21 سيپٽمبر ڇنڇر ڏينهن م??هائي ويندي، سڄي ملڪ ۾ سالگره تقريبون م??عقد ڪيون وينديون جڏهن ته پارٽي وومن ونگ پنجاب جي انتظام هيٺ لاهور ۾ مرڪزي تقريب پنجاب سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿيندي جنهن جي خاص مهمان پ پ اڳواڻ ثمينه خا??د گهرڪي هوندي. ان حوالي سان پ پ پنجاب جي صدر راجا پرويز اشرف جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال پ پ سينٽرل پنجاب جون سموريون تنظيمون بلاول ڀٽو زرداريءَ جي 36هين سالگره مختلف ا??داز ۾ ملهائينديون. هن چيو ته هر ضلعي تنظيم پنهنجي ضلعي جي يتيم خا??ي ۾ هڪ پروگرام منعقد ڪندي جنهن ۾ پارٽيءَ جي ٽڪيٽ هولڊرن سميت سمورين ونگز جا عهديدار شرڪت ڪندا ۽ معصوم ٻارن ۾ بلاول ڀٽو زرداري طرفان تحفا پيش ڪيا ويندا.