نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران پاڪستان گڏيل حمايت ۽ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ب??ائڻ ۽ فلسطين تي پاڪستان جي موقف ج?? ورجاءُ ڪندي غزه ۾ فوري طور تي انساني بنيادن تي جنگبندي ۽ فلسطين ۽ لبنان جي خلاف جاري اسرائيلي جارحيت جي خاتمي تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس ج?? پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس ج?? موقعي تي ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائز?? ورتو ۽ سٺي پاڙيسري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ب??ائڻ سان گڏوگڏ گڏيل فائديمند تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ، ايران سان رابطن ۽ ثقافتي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. فلسطين تي پاڪستان جي موقف ج?? ورجاءُ ڪندي وزيراعظم غزه ۾ فوري طور تي انساني بنيادن تي جنگبندي ۽ فلسطين لبنان جي خلاف جاري اسرائيلي جارحيت جي خاتمي تي زور ڏنو. ملاقات ۾ ايران پاڪستان گڏيل حمايت ۽ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ب??ائڻ جي عزم ج?? ورجاءُ به ڪيو ويو.