راولپنڊي -28 جولاءِ (اي پي پي) حڪ??مت?? ٽيم ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ ڳالهي??ن شروع ٿي ويون آهن، حڪ??مت?? ڳالهين واري ٽيم ۾ سڌ سماءَ وارو وفا??ي وزير عطا الله تارڙ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان وارو وفا??ي وزير انجنيئر امير مقام، مسلم ليگ (ن) جو س??نئر اڳواڻ طارق فضل چوڌري، وزيراعظم جو ميڊيا ڪو آرڊينيٽر بدر شهباز شامل آهن. جڏهن ته جماعت اسلامي جي وفد جي اڳواڻي لياقت بلوچ ڪري رهيو آهي، ان کان اڳ ڳالهه ڪمشنر راولپنڊي جي آفيس آمد تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وفا??ي وزير عطاالله تارڙ چيو ته جماعت اسلامي جي اڳواڻن سان ڳالهين کان پوءِ سمورن معاملن کان آگاهه ڪيو ويندو، اسان طرفان ڳالهين جي ٽيم ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي ويئي، اويس لغاري ملڪ ۾ موجود ناهي، هو چين ويو آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي جي اڳواڻن سان گڏجي ويهي ڳالهائينداسين، جماعت اسلامي جا بلن بابت معاملا آهن انهن جا خدشا ختم ڪنداسين. هن چيو ته 200 ??ونٽن تائين استعمال ڪندڙ بجلي صارفين کي اڳ ئي 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي آهي. حڪومت سولر پراجيڪٽس به شروع ڪري رهي آهي. ڊيزل ۽ تيل تي هلندڙ پلانٽس کي بند ڪيو ويندو، سولر ٽيوب ويل لڳڻ سان بجلي جي کپت ۾ گهٽتائي ايندي. انهن قدمن جو مقصد سستي ۽ معياري بجلي پيدا ڪري بجلي جي قيمتن کي گهٽ ڪرڻ آهي.