اسلام آباد – 06 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي قومي خابرو اداري ”اي پي پي“ طرفان ٻڌ??يو ويو آهي ته اي پي پي ۾ ڏور رس سڌارا متعارف ڪرا??ا پيا وڃن، اي پي پي ويب ٽي وي جي سيٽلائيٽ لائسنس ??اصل ڪرڻ لاءِ پيمرا سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، هڪ ارب 14 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان اي پي پي ٽي وي کي سگهه ڏيڻ، نئين سروسز متعارف ڪرائڻ، سوشل ميڊيا، گلوبل ريچ ۽ مارڪيٽنگ بابت نوان منصوبا آندا پيا وڃن جڏهن ته اسٽينڊنگ ڪميٽي روزاني ايش??ئن نيوز جي بندش، ??حا??ي عزيز ميمڻ جي قتل ۽ سجاد ترين کي ڌمڪيون ڏيڻ جي معاملو ايندڙ اجلاس ۾ بحث هيٺ آڻڻ جو فيصلو ڪيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي ميمبر چوڌري نديم عباس ربيره جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو.