اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت گهٽايو بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت هنگامي طور تي رقم جي ورهاست دوران ڪورونا کان بچاءُ لاءِ سخت حفاظتي قدم ک??يا ويا آهن، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ادائيگي مرڪزن تي ڪورون?? وائرس کان بچاءُ جي احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي، ادائيگين جي مرڪزن تي ان سلسلي ۾ سينيٽائيزر رکيا ويا آهن جڏهن ته مع??ور ۽ بزرگ ماڻهن لاءِ به خصوصي قدم ک??يا ويا آهن، ڪجهه مرڪزن تي اسپري وار?? واڪ ٿرو گيٽس به لڳايا ويا آهن ۽ مع??ور ماڻهن وٽ وڃي انهن جي بايوميٽرڪ ڪئي پئي وڃي.