اسلام آباد – 19 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته صدر جو ع??لم سڳورن سان مشاورت کانپوءِ متفقه پڌرنامو انتهائي خوش آئنده آهي، رمضان المبارڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ صدر جو قائداڻو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، ان وبا جو احتياط ئي سڀ کان موثر علاج آهي. پن??نجي ٽوئيٽ ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪورونا جي خلاف جنگ ۽ قومي ??وششن کي سگهه ڏيڻ ۾ ع??لم سڳورن جو ڪردار انتهائي اهم آهي.