اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان ڪورونا وائرس سان پيدا ٿيندڙ صو??تحال ۾ ضروري شين جي ذخيره اندوزي، ناجائز منافعي خوري ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن کي خبردار ڪندي واضح انداز ۾ اعلان ڪيو آهي ته حڪومت اهڙي ڪنهن به قدم تي سخت ڪارروائي ڪندي، ڪنهن کي موجوده صو??تحال مان ??يرقانوني فائدو کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، لاڪ ڊائون ۾ سڀ کان وڌيڪ فڪر معاشري جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي آهي، انتهائي نگهداشت جي مريضن لاءِ سهولتون دستياب آهن جڏهن ته متوقع حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پڻ انتظام ڪيا پيا وڃن، ڪورونا هڪ قومي مسئلو آهي ان ??والي سان ??مورا فيصلا اتفاق راءِ سان ڪيا ويا آهن، انهن کي سياسي رنگ ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي. ڪورونا جي صو??تحال ۽ حڪومت پاران کنيل قدمن ب??بت ڳالهائيندي وزيراعظم ??مر??ن خان چيو ته ڪورونا سان پيدا ٿيندڙ صو??تحال بلڪل نئين آهي، ان ??ي لاءِ دنيا جي ڪا حڪومت به تيار نه هئي، اسان 13 مارچ کان قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا، جڏهن ملڪ ۾ ڪورونا جا 26 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا.